Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي.[1]

پياريون اسلامي ڀينرون! وعدو پورو ڪرڻ سنّتِ مُصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي

 * اسان جا آقا وعدي جا تمام پڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي نهايت ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو! مان جلدي اچان ٿو، اهو شخص هليو ويو پر واپس موٽڻ وسري ويو، 3 ڏينهن کان بعد ان کي وري ياد آيو، جڏهن اهو ان جڳھ تي پهتو ته هي ڏسي ڪري حيران رهجي ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت ۽ رحمت ۽ حُسنِ اخلاق ڏسو! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي دڙڪا نه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪيائون، بَس اوترو فرمايائون: اي شخص! تو مون کي مُشقت ۾ وجهي ڇڏيو.[2] الله اسان کي به سنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدو پورو ڪرڻ وارو بڻائي.   اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو،



[1] بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179۔

[2] اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996۔