Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شعبانُ المُعظم جي فضائل جو بيان

   پياريون اسلامي ڀينرون! آقا جو مهينو يعني ماھِ شعبانُ المُعظم جلوه افروز ٿي چڪو آهي، نهايت بابرڪت مهينو آهي، ان ۾ رحمتن، مغفرتن ڀَري مبارڪ رات شبِ براءت به ايندي آهي، لهٰذا ڪوشش ڪيو ته هي مبارڪ مهينو نيڪيون ڪندي، گناھن کان بچندي ۽ خاص ڪري خوفِ خدا ۾ روئيندي، رحمتِ الاهي جي خيرات گهرندي، ڪثرت سان توبھ ۽ استغفار ڪندي گذري.

   شعبانُ المُعظم جون چار اهم عبادتون آهن، ڪهڙيون ڪهڙيون آهن، اچو ٻڌون ٿيون:

(1): شعبانُ المُعظم جي پهرين عبادت: دُرود جي ڪثرت

    هونئن ته دُرودِ پاڪ سڄي زندگيءَ جو وظيفو آهي، اسان جي روزانو جي معمولات ۾ دُرودِ پاڪ جي ڪثرت شامل رهڻ گهرجي ۽ سڄو سال ئي دُرود پڙهڻ گهرجي، البت هاڻي شعبانُ المُعظم جو مبارڪ مهينو آهي ۽ سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! شعبانُ المُعظم جي عظمتن، ان جي رفعتن ۽ برڪتن جو ڇا چوڻ! ان مبارڪ مهيني کي محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پهنجي طرف نسبت ڪري پنهنجو مهينو فرمايو، جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: شَہْرُ رَمَضَانَ شَہْرُ اللہ وَ شَہْرُ شَعْبَانَ شَہْرِی: رمضان الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي.[1]

ڇوته هي آقا جو مهينو آهي، هن ۾ درودِ پاڪ جي خاص طور ڪثرت ڪئي ويندي آهي. سرڪارِ غوثِ اعظم، شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:  


 

 



[1] جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903۔