Book Name:Muhaddis e Azam
گهر ۾ مُنعقد ٿيڻ واري محفلِ ميلاد ۾ بيان فرمائي رهيا هئا. بيان جو موضوع نورانيتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هو. بيان جاري هو ته تقريباً اڌ ڪلاڪ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي توجھ ساڄي پاسي لڳل هڪ ٽيوب لائٽ جي طرف وئي، اها ٽيوب لائٽ ڪنهن فني خرابي جي ڪري ڪڏهن ٻري پئي، ته ڪڏهن وسامي پئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٽيوب لائٽ کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو: اڙي ٽيوب! تون ڪڏهن ٻرين ٿي، ڪڏهن وسامي ٿي، حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور مبارڪ سان تمام جهان روشن ٿي ويا ۽ تون ڇو ٿي ناشڪري بڻجي، خبردار! خبردار! تون وسامي وئين ته...!! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ان ارشاد سان نعرهءِ رسالت جي گونج پئجي وئي، تمام حاضرين ڏٺو ته اها ٽيوب لائڻ جلسي جي اختتام تائين لاڳيتو روشن رهي.[1]
جو نبی کا غلام ہوتا ہے قابلِ احترام ہوتا ہے
جو ہو اللہ کا ولی اُس کا فیض دنیا میں عام ہوتا ہے [2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
محدثِ اعظم پاڪستان جا 5 اعلٰي ڳڻ
پياريون اسلامي ڀينرون! حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اعلٰي گُڻن مان هڪ نهايت پيارو گُڻ هيءُ آهي ته پاڻ علم سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو تمام گهڻو جذبو رکندا هئا * پاڻ دارُ العلوم منظرِ اسلام (بريلي شريف) مان علم حاصل ڪيائون * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حُجَّةُ الاسلام مولانا مفتي حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه،