Book Name:Muhaddis e Azam
ڪندو آهي، اسان جي دلي رجحان جي عڪاسي ڪندو آهي، ان ڪري اسان کي هي به غور ڪرڻ گهرجي ته اسان ڪنهن کان متاثر ٿي رهيا آهيون، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رشڪ صرف 2 ماڻهن تي ڪري سگهجي ٿو: (1): ان شخص تي جنهن کي الله پاڪ قرآن سيکاريو ۽ اهو ان کي ڏينهن رات پڙهندو رهي (2): ان شخص تي جنهن کي الله پاڪ مال عطا فرمايو: ۽ اهو راھِ خدا ۾ ان کي خرچ ڪري.[1]
هي آهن اهي ماڻهو جن کان متاثر ٿيڻ گهرجي، جنهن کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم جو، حديثن جو علم عطا فرمايو ۽ اهو ان تي عمل به ڪندو آهي، نمازون به پڙهندي آهي، روزا به رکندي آهي، فرائض ۽ واجبات به پورا ادا ڪندي آهي، گناھن کان به بچندي آهي، جيڪڏهن الله پاڪ مال عطا فرمايو آهي ته ان جا حقوق به پورا پورا ادا ڪندي آهي، فيشن پرستي ۽ فضول ڪمن ۾ خرچ ناهي ڪندي بلڪه الله پاڪ جي واٽ ۾ خرچ ڪندي آهي. مطلب ته: جيڪا دين جي معاملي ۾ مضبوط آهي، آخرت جو فڪر ڪرڻ واري، جنّت جي تياري ڪرڻ واري، جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان بچڻ واري آهي، اسان کي گهرجي ته اسان ان کان متاثر ٿيون، رشڪ به انهيءَ تي ڪيون، انهيءَ جهڙو بڻجڻ جي ڪوشش به ڪندا ڪيون.
ہم پہ نظرِ کرم تاجدار ِحرم نیک بن جائیں ہم تاجدارِ حرم
دردِ عصیاں مٹے عادتِ بد چُھٹے شاہ ِعرب وعجم تاجدارِ حرم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
محدثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زندگي جا معمولات