Book Name:Muhaddis e Azam
درخواست قبول ڪئي ۽ حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پاڻ سان گڏ بريلي شريف وٺي ويا،[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي ڪامل وليءَ جو...!! هڪ ايف اي جي طالبِ علم (Student) شهزادهءِ اعلٰي حضرت کي هڪ نظر ڏٺو، بَس انهيءَ ڏسڻ دل جي دنيا بدلائي ڇڏي ۽ ايف اي جو (اهو) طالبِ علم (Student) دين جي راھ جو مسافر ٿي دنياءِ اسلام جو عظيم مُحدث بڻجي ويو.
طیبہ سے منگائی جاتی ہے، سینوں میں چھپائی جاتی ہے
تَوحید کی مَے پیالے سے نہیں، نظروں سے پِلائی جاتی ہے
پياريون اسلامي ڀينرون! هتي سِکڻ لاءِ هڪ نهايت ئي پيارو مدني گُل آهي، اهو هي ته متاثر ٿيڻ به هڪ ڪم آهي * ڪنهن مذهبي رهنما کان متاثر ٿيڻ * جيڪا پنج ئي نمازون پابندي سان ادا ڪندي آهي، ان جي استقامت کان متاثر ٿيڻ * جيڪا سنّتن جو پابند هجي *جيڪانيڪي جي دعوت عام ڪندي هجي * علمِ دين سکڻ ۾ڪوشش ڪري رهي هوندي آهي * قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندي آهي، اهڙن ديندارن کان متاثر ٿيڻ هر هڪ جي نصيب ۾ ناهي هوندو.
اڄڪلھ ته ماڻهو * فلمي اداڪارن جي اداڪاري مان * ڳائڻين جي ڳائڻ مان متاثر ٿينديون آهن * ڪا ڪنهن جا فيشن ايبل وارَ ڏسي ڪري ٿڌا ساھَ کڻندي آهي * ڪا وڏا وڏا بنگلا ڏسي ڪري ريس ڪندي آهي * ڪا ڪنهن رانديگر سان متاثر ٿيندي آهي ته * ڪا وڏي عهديدار جر فَين بڻجي وينديآهي.
ياد رکو! اسان جو ڪنهن کان متاثر ٿيڻ اسان جي ذهني سطح کي واضح