Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رَجَبٌ شَہْرُ اللہ تَعَالٰی وَ شَعْبَانُ شَہْرِیْ وَ رَمَضَانُ شَہْرُ اُمَّتِیْ۔ يعني رجب الله پاڪ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امّت جو مهينو آهي. ([1]) روايتن ۾ آهي، جڏهن رَجبُ المُرجب جي آمد ٿيندي هئي ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دعا فرمائيندا هئا۔([2]) (اچو! اسان به اداءِ سنّت جي نيّت سان هي دعا پڙهي وٺون ٿا):

اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِیْ رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان

   يعني اي الله پاڪ! تون اسان جي لاءِ رَجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. ([3])  

   الله پاڪ اسان کي هن محترم مهيني جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڪنهن عربي شاعر ڇا ته خوب چيو آهي:

بَیِّضْ صَحِیْفَتَکَ السَّوْدَاءَ فِیْ رَجَبٍ                                                                              بِصَالِحِ الْعَمَلِ الْمُنْجِی مِنَ اللہبِ([4])

وضاحت: رَجبُ المُرَجَّب ۾ پنهنجو ڪارو، گناھن سان ڀريل اعمال نامو چمڪايو...!! ڪيئن؟ نيڪ عمل ڪري. ڪهڙا نيڪ عمل؟ اهي ئي جيڪي جهنّم جي ڀڙڪندڙ باھ کان نجات ڏياريندا آهن.

عِبَادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل

رَجَب   کا واسطہ دیتا ہوں  فرما دے  کرم مولیٰ!  ([5])

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن         صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .


 

 



[1]... مسندِفردوس، جلد:2،صفحہ:275،حدیث:3276

[2]... موسوعۃ ابن ابی دنیا،کتاب فضائل رمضان ،جلد:1،صفحہ :361،حدیث:1

[3]... معجم ِاوسط ،جلد:3، صفحہ:85، حدیث:3939

[4]... تاریخِ مدینہ دمشق ،جلد :54،صفحہ :432 ۔

[5]... وسائلِ بخشش،صفحہ:98۔