Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

موڪليندا آهن * ڪجھ ملائڪ اهي آهن جو جڏهن خميس جو ڏينهن ايندو آهي ته هو سون جا قلمَ ۽ چاندي جا ڪاغذ (Gold Pen & Silver Foil) کڻي ڪري لهندا آهن، ان دوران جيڪو به عاشقِ رسول پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف موڪليندو آهي، ملائڪ ان جو درود لکي وٺندا آهن )کنزالعمال، کتاب: الاذکار،جز:1 ،جلد:1 ،صفحہ:250، حدیث:2174(۔ * حديث پاڪ جي مطابق 2 ملائڪ اهي آهن، جن جي الله پاڪ ذميداري لڳائي ڇڏي آهي ته دنيا ۾ جڏهن به جتي به ڪو عاشقِ رسول درودِ پاڪ پڙهندو آهي ته اهي ملائڪ ان کي دعا ڏيندا آهن: الله پاڪ تنهنجي بخشش فرمائي )معجمِ کبیر،جلد:2،صفحہ:218 ،حدیث:2687(۔ * ڪجھ ملائڪ اهي آهن، جن جي ذميداري آهي ته اهي زمين تي هلندا ڦرندا رهندا آهن، جڏهن به ڪنهن عاشقِ رسول کي درود پاڪ پڙهندي ڏسندا آهن ته ان جو درود شريف بارگاھِ رسالت ۾ پهچائيندا آهن )نسائی،کتاب: السہو،باب:السلام علی النبی  صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ،صفحہ:219 ،حدیث:1279(۔ * حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ڪا فجر اهڙي طلوع ناهي ٿيندي پر 70 هزار ملائڪ لهندا آهن ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نوراني روضي وٽ گڏ ٿيندا آهن، خوشي مان پنهنجا پَرَ لوڏيندا آهن ۽ شام تائين پاڻ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ موڪليندا رهندا آهن، جڏهن شام ٿيندي آهي ته هي فرشتا واپس موٽي ويندا آهن، پوءِ اوترا ئي ملائڪ ٻيا ايندا آهن، اهي صبح تائين بارگاھِ رسالت ۾ درودِ پاڪ عرض ڪندا رهندا آهن. )سنن الدارمی،باب :ما اکرم اللہ تعالیٰ نبیہ ، صفحہ:59 ، حدیث:95ملتقطًا(۔

   سيّدي اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حدائقِ بخشش ۾ فرمائن ٿا:

سَتّر ہزار صبح ہیں، سَتّر ہزار شام                                                                                   یُوں بندَگیِ زُلف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

جو ایک بار آئے دوبارہ نہ آئیں گے                                                            رُخْصَت ہی بارگاہ سے بس اس قدر کی ہے

مَعصُوموں کو ہے عُمْر میں صرف ایکبار بَار                                          عاصی  پَڑے  رہیں  تو  صَلا  عُمْر  بھر  کی  ہے

)حدائقِ بخشش،صفحہ:220-221ملتقطاً۔