Share this link via
Personality Websites!
(Poverty)، بيماري ۽ آفتن (Calamities) جو غم مُسلط رهندو، جڏهن توکي ايترا دنياوي غمَ هوندا ته تنهنجي دل آخرت جي فڪر جي طرف ڪيئن متوجھ ٿيندي؟ ياد رک! هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر کي گهٽائي رهيو آهي، پر توکي ڪا پرواھ ناهي، اهو شخص آخرت جي لاءِ ڪهڙي تياري ڪندو جنهن جون دنياوي خواهشون ئي پوريون نه ٿيون ٿين؟ ڪيڏو نادان آهي ۽ عجيب آهي اهو مسلمان جنهن کي يقين آهي ته هي دنيا فاني آهي، آخرت (Hereafter) باقي رهڻ واري آهي، پوءِ به باقي رهڻ واري زندگي کي ڇڏي ڪري فاني زندگي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي غم ۾ پريشان آهي.
عیون الحکایات،صفحہ:364 ملخصًا۔
آخرت کی فِکْر کرنی ہے ضرور زِندگی اک دِن گزرنی ہے ضرور
جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور قبر میں میت اترنی ہے ضرور
ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڳالھ واقعي سچي آهي، اسان کي دنياوي فڪرن ايئن وڪوڙي ورتو آهي جو آخرت جي فڪر جو ته وقت ئي ناهي ملندو، هر وقت دنيا ڪمائڻ جو ئي فڪر آهي، جنّت ڪمائڻ، آخرت بهتر بڻائڻ ۽ قبر ۾ روشني جو سامان ڪرڻ جو ته ڪڏهن به خيال ئي ناهي ايندو!! هاءِ هي غفلت...!! ٿورو تصور ڪيو! (Just Imagine it) هي دنيا ڪيتري دير تائين رهڻي آهي. ڪهڙي خبر: اڄوڪي رات اسان جي زندگي جي آخري رات هجي، ڪهڙي خبر: اڳين گهڙيءَ ۾ ئي حضرت مَلَڪَ الۡمَوۡت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي اچن ۽ اسان کي صبح جو سج ڏسڻ به نصيب نه ٿئي...!!
هونئن به جيتوڻيڪ اسان سؤ سال به زندگي گذاريون، آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ته مرڻو ئي آهي، هن دنيا کي ڇڏڻو آهي، دنيان جو مال هتي ئي ڇڏي قبر ۾ لهڻو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami