Share this link via
Personality Websites!
وضاحت: اي پنهنجي انجام ۽ موت کان غافل انسان! ٿورو غور سان ٻڌ هي گهڙيءَ مان اچڻ وارو ٽِڪ ٽِڪ جو آواز اعلان ڪري رهيو آهي: تنهنجي عمر جو سيڪنڊ گهٽ ٿي ويو، هاڻي پورو منٽ گذري ويو، هاڻي پورو ڪلاڪ گهٽ ٿي ويو.
عنقريب تون قبر ۾ لهي ويندي
صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم زمين کي پنهنجي پيرن سان لتاڙ! عنقريب تون ان جي اندر لهي ويندي. اي ابنِ آدم تنهنجي زندگي ڇا آهي؟ اهو ئي ڏينهن جو ميڙ ته آهي. جڏهن هڪ ڏينهن گذري ويندو آهي، تنهنجي زندگي جو هڪ حصو گهٽ ٿي ويندو آهي، بيشڪ جڏهن کان تون پيدا ٿيو آهين تنهنجي زندگي لاڳيتو گهٽ ٿيندي پئي وڃي.
موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336۔
حضرت عبدُ الله بن سُمَيۡط رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي والدِ محترم کي فرمائيندي ٻڌو: مومن ٻانهو پاڻ کي هيئن سمجهائيندو آهي: اي نفس! هي دنياوي ۽ فاني زندگي (Mortal Life) صرف 3 ڏينهن ئي ته آهي، هڪ ڏينهن گذري ويو، ٻيو اهو جيڪو گذري رهيو آهي، سمجهي ڇڏ ته بس هي به گذري ويو ۽ ٽيون ڏينهن اچڻ وارو صبح آهي ۽ اهو ته هڪ خالي اميد (Hollow Hope) آهي جنهن کي شايد تون نه ماڻي سگهين، مثال طور جيڪڏهن تون سڀاڻي تائين زندھ رهين ته سڀاڻي جو ڏينهن تنهنجو رزق (Sustenance) ۽ خبر ناهي ته ڪيترن ماڻهن جي لاءِ موت (Death) جو پيغام گڏ کڻي ايندو، ٿي سگهي ٿو ته تون به انهن ۾ شامل هجين جن کي موت جو پيغام ملڻ وارو آهي، پوءِ جيڪڏهن وڌيڪ زندگي ملي ته تنهنجي ڪمزور هيڻي دل تي غربت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami