Share this link via
Personality Websites!
هيون۔ جڏهن فجر جي نماز ادا ڪنديون هيون ته پاڻ کي ٻيهر مخاطب ڪري چونديون هيون، اي منهنجا نفس! تو کي مبارڪ هجي جو گذريل رات تو وڏي مشقت برداشت ڪئي، پر ياد رک! اهو ڏينهن تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ٿي سگھي ٿو۔ اهو چئي وري عبادت ۾ مشغول ٿي وينديون هيون ۽ جڏهن ننڊ جو غلبو ٿيندو هو بيهي ڪري گھر ۾ هلڻ شروع ڪنديون هيون ۽ گڏوگڏ پاڻ کي اهو چونديون هيون: رابعه! اها به ڪا ننڊ آهي، ان جو ڪهڙو لطف؟ ان کي ڇڏي ڏي ۽ قبر ۾ مزي سان ڊگھي مدت جي لاءِ سمهي رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم کي راضي ڪري وٺ۔ اهڙي طرح ڪندي پاڻ پنجاھ سال گذاري ڇڏيا، پاڻ نه ڪڏهن بستر تي ستيون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻو (Pillow) مٿي تي رکيو ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهَا انتقال ڪري ويون۔ (حڪايات الصالحين،ص ۳۹)
الله اکبر! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! هي الله پاڪ جون نيڪ ٻانهيون ڪيتري خوبصورت انداز ۾ ۽ ڪهڙي زبردست استقامت سان پنهنجي ڏينهن رات جون مصروفيتون گذارينديون هيون. هاءِ افسوس! هڪ اسان آهيون جو رات غفلت (Carelessness) ۾ سمهندي ۽ ڏينهن فاني دنيا (Mortal World) جي ڪمن ۾ گذري ويندو آهي، نه قبر ۽ آخرت جو ڪو فڪر، نه الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارا ڪي ڪمَ...!!
ڏينهن رات الله پاڪ جو فضل تلاش ڪيو!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ هي ڏينهن رات ان ڪري ناهن بڻايا جو اسان سڄي رات بَس غافل (Heedless) ٿي سُتل رهون ۽ ڏينهن جي وقت بس دنيا جي ئي فڪر ۾ لڳل رهون، هي ڏينهن ۽ رات، اسان جا هي ساھَ، الله
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami