Share this link via
Personality Websites!
گهڻو ٿڪجي پيا هوندا، اڄ رات ته ضرور آرام فرمائيندا، پر ٻيءَ رات به اهو ئي معمول رهيو. پوءِ ٽيون ڏينهن ۽ رات به انهيءَ طرح گذري. مان تمام گهڻو متاثر ٿيس ۽ مون فيصلو ڪيو ته سڄي ڄمار انهن جي خدمت ۾ رهندُس. جيئن ته مون انهن جي مسجد ۾ ئي مُستقل (Permanently) قِيام اختيار ڪيو. مون پنهنجي قيام جي مُدت ۾، امام اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڏينهن جو ڪڏهن به بنا روزي ۽ رات جو ڪڏهن به عبادت ۽ نوافل کان غافل (Heedless) ٿيندي نه ڏٺو. باقي ظهر کان پهريان پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪجھ دير آرام فرمائي وٺندا هئا.
( مناقِب الامام اعظم للکردری،صفحہ:230 تا 231 بتغیر قلیل ۔)
حضرتِ ابنِ ابي مُعاذ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي روايت آهي، حضرت مِسۡعَر بِن ڪِدام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت خوش نصيب (Fortunate) هئا جو انهن جي وفات امامِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مسجد ۾ سجدي جي حالت ۾ ٿئي. (مناقِب الامام اعظم للکردری ،صفحہ:231 )
جو بے مثال آپ کا ہے تقویٰ، تو بے مثال آپ کا ہے فتویٰ
ہیں علم و تقویٰ کے آپ سنگم، امامِ اعظم ابو حنیفہ
حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي ڏينهن رات جو شيڊيول
مروي آهي ته حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهَا جو معمول هو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ۽ سڀئي ماڻهو سمهي پوندا هئا ته پاڻ کي مخاطب ٿي چوندي هئي، اي رابعه (ٿي سگھي ٿو ته) اها تنهنجي زندگي جي آخري رات هجي، ٿي سگھي ٿو ته توکي سڀاڻي جو سج ڏسڻ نصيب نه ٿئي، اٿ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي عبادت ڪري وٺ ته جيئن سڀاڻي قيامت ۾ توکي ندامت (يعني شرمندگي) کي منهن نه ڏيڻو پوي، همت ڪر، سمھجانءِ نه، جاڳي پنهنجي رب جي عبادت ڪر، اهو چوڻ کان پوءِ پاڻ بيهنديون هيون ۽ صبح تائين نفل ادا ڪنديون رهنديون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami