Share this link via
Personality Websites!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سنّت آهي. اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآنِ پاڪ جي تلاوت فرمائيندا هئا حضرت عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ڪا شيءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پوري سورة بقره ۽ سورة آلِ عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا روزانو رات جو سورة سجده، سورة مُلڪ، سورة بني اسرائيل، سورة زُمر، سورة ڪافرون، سورة فلق ۽ سورة الناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا.
الله پاڪ اسان کي به خوب تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا
شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami