Share this link via
Personality Websites!
ڏسڻ پڻ شامل ڪيو! گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ 12 منٽ جو شيڊيول ته لازمي بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مدني چينل ڏسڻ سان کوڙ برڪتون ملنديون مثال طور ديني معلومات ۾ اضافو ٿيندو نماز، روزو، وضو، غُسل ۽ ٻيا فقهي مسائل سکڻ جي سعادت نصيب ٿيندي عمل جو جذبو نصيب ٿيندو تلاوت، حمد، مناجات، نعت ۽ منقبتون ٻڌڻ جي سعادت ملندي اهڙيءَ طرح نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ به هر مسلمان جي بنيادي ذميدارين مان آهي، لهذا نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ به وقت ڪڍو، ڪوشش ڪري ڪجھ نه ڪجھ وقت دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ ڏيڻ جو معمول بڻايو!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي ڏينهن رات گذارڻ جو آسان شيڊيول عرض ڪيو ويو، ان جي مطابق اسان دنياوي مصروفيات کي نڀائيندي نهايت آساني سان نيڪين واري زندگي گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ سنّت آهي
2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): منهنجي امّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآنِ آهي. (شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنطار اجر لکيو ويندو، هڪ قِنطار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحد پهاڙ جيڏو آهي.شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami