Share this link via
Personality Websites!
کان مروي آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو نمازِ مغرب کان بعد 6 رڪعتون هن طرح ادا ڪري جو انهن جي وچ ۾ ڪا بُري ڳالھ نه ڪري ته هي 6 رڪعتون 12 سال جي عبادت جي برابر هونديون. (ترمذی، کتاب السہو، باب ما جاء فی فضل التطوع، صفحہ:131، حدیث:435) حضرت ثوبان رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو مغرب ۽ عشاء جي درميان مسجد ۾ ويٺو رهي، نماز ۽ قرآن کان علاوه ڪا ڳالھ نه ڪري، ته الله پاڪ جي ذمهءِ ڪرم تي حق آهي ته ان جي لاءِ جنّت ۾ 2 محل بڻائي ۽ هر محل (Palace) جي مسافت 100 سال هوندي.
قوت القلوب، الفصل الحادی عشر، جلد:1،صفحہ:58 ۔
هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مغرب ۽ عشاء جي وچ واري نماز، اوّابين (يعني تمام گهڻو توبھ ڪرڻ وارن) جي نماز آهي.
(جمع الجوامع،جلد:7،صفحہ:47 ،حديث:20844 )
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ڏينهن رات ڪيئن گذاريندا آهيون؟ ان بابت چوٿون مدني گل: هي آهي ته رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اهڙو مقرر ڪيو، جنهن ۾ صرف عبادت ئي هجي ۽ ٻيو ڪو ڪم نه ڪرڻو هجي. ڪوشش ڪيو ان هڪ ڪلاڪ ۾ پوري اهتمام سان عبادت ڪيو ممڪن هجي ته هڪ جوڙو الڳ سان ان وقت جي لاءِ رکي ڇڏيو، نه ته صاف سٿرا ڪپڙا پهريو. تازو وضو ڪيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ الله پاڪ جي عبادت ڪيو، توڙي نماز پڙهو، تلاوت ڪيو، درودِ پاڪ پڙهو، بلڪه بهتر هي آهي ته ڪجھ عبادتون گڏ ڪيو مثال طور 15 منٽ نوافل پڙهو، 15 منٽ تلاوت ڪيو، 15 منٽ درودِ پاڪ پڙهو ۽ آخري 15 منٽ ڪو ديني ڪتاب پڙهو، هفتيوار رسالي جو مطالعو ڪيو، اميرِ اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami