Share this link via
Personality Websites!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! خواجه غريب نواز ڪهڙي پياري انداز ۾، حديثون ٻڌائي ڪري، واقعا ٻڌائي ڪري سنّتون ۽ آداب سيکاريندا هئا. الله پاڪ اسان کي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ارشادات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
ڪوشش فرمائي ڪري اذانِ مغرب کان پهريان ئي نماز جي تياري شروع ڪري ڇڏيو. ۽ مصلي تي ويهو، تلاوت، ذڪر ۽ درود ۽ آخرت جو فڪر وغيره نيڪ ڪمن ۾ مصروف رهو. نمازِ مغرب ادا فرمايو پوءِ نمازِ مغرب کان بعد جيڪو وقت آهي، اهو رات جو ابتدائي حصو آهي، اهو نهايت ئي بابرڪت، وڏي اهميت وارو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
تَتَجَافٰی جُنُوۡبُہُمۡ عَنِ الۡمَضَاجِعِ (سيپارو: 21، سورة سجده: آيت: 16)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جا پاسا سندن سمهڻ جي جاين کان جُدا هوندا آهن.
هن آيتِ ڪريمه ۾ ايمان وارن جو هڪ وصف (Quality) بيان ڪيو ويو آهي ته انهن جا پاسا انهن جي بسترن کان جُدا رهندا آهن. هڪ قول جي مطابق هن آيت ۾ مغرب ۽ عشاء جي درميان نماز پڙهڻ وارن جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي. )احیاء العلوم (مترجم)،جلد:1،صفحہ:1014 ماخوذاً)
اوّابين جي نماز جا فضائل
رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عَلَیْکُمْ بِالصَّلَاۃِ فِیْمَا بَیْنَ الْعِشَائَیْنِ يعني توهان تي مغرب ۽ عشاء جي وچ واري نماز پڙهڻ لازم آهي فَاِنَّہَا تَذْہَبُ بِمُلَاغَاۃِ اَوَّلِ النَّہَارِ وَتَسُدُّنَّ آخِرَہٗ ڇوته هي ڏينهن جي فضوليات کي کڻي ويندي آهي ۽ ان جي آخر کي صاف ڪري ڇڏيندي آهي. (فردوس الاخبار ،جلد:3، صفحہ:50،حدیث:3844۔) حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami