Share this link via
Personality Websites!
ويندي آهي، خلقِ دنيا تو وٽ ذليل ۽ خوار ٿي ڪري ايندي، طلوعِ فجر جي وقت 100 ڀيرا پڙهندو ڪر سُبْحٰنَ اللہ وَبِحَمْدِہٖ سُبْحٰنَ اللہ الْعَظِیْمِ وَ بِحَمْدِہٖ اَسْتَغْفِرُاللہ ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي 7 ڏينهن گذريا هئا ته خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيائين: يارسولَ الله(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! دنيا موٽ وٽ ايتري ڪثرت سان آئي، مان حيران آهيان ڪٿان کڻان ۽ ڪٿي رکان!
لسان المیزان، حرف العین، جلد:4، صفحہ:304،حدیث:5100، ملفوظات اعلیٰ حضرت، صفحہ:128۔
الله پاڪ نيڪ ماڻهن جو هي وصف بيان فرمايو آهي:
وَ بِالۡاَسۡحَارِ ھُمۡ یَسۡتَغۡفِرُوۡنَ (۱۸) (سيپارو: 26، سورة ذاريات: آيت: 18)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ رات جي آخري پهرن ۾ بخشش گهرندا هئا.
اذانِ فجر جو جواب ڏيو! نمازِ فجر ادا ڪيو الله پاڪ توفيق عطا فرمائي ته تلاوت ڪيو پوءِ اوراد و وظائف پڙهي وٺو پنهنجي پير صاحب جو ڏنل شجرو شريف پڙهو، ديني ڪتاب (مثال طور فيضان سنّت، فيضانِ نماز، غيبت جون تباھ ڪاريون وغيره) پڙهي وٺو، مطلب ته: اشراق ۽ چاشت جي وقت تائين ذڪر ۽ فڪر نيڪ ڪمن ۾ ئي مصروف رهو ايستائين جو نمازِ اشراق جو وقت ٿي وڃي ته اشراق، چاشت جا نوافل پڙهي وٺو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڏينهن جي شروعاتي وقت ۾ نيڪين جو انبار لڳي ويندو.
(1): سرورِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن نمازِ اشراق جي فضيلت بيان ڪندي فرمائن ٿا: جيڪو فجر جي نماز باجماعت ادا ڪري ذڪرُ الله ڪندو رهي ايستائين جو سج نڪري وڃي پوءِ 2 رڪعتون پڙهي ته ان کي پوري حج ۽ عمري جو ثواب ملندو. ترمذی ، ابواب: السفر،…الخ ،صفحہ: 171، حدیث :586۔ (2): ابو دائود شريف جي روايت ۾ آهي: جيڪو شخص نمازِ فجر کان فارغ ٿيڻ کان بعد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami