Share this link via
Personality Websites!
علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس، نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي، جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس، ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس. اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جو ڏينهن رات جو جَدول (Schedule)
حضرت مِسۡعَر بن ڪِدام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مسجد ۾ حاضر ٿيس، مون ڏٺو ته نمازِ فجر ادا ڪرڻ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ماڻهن کي سڄو ڏينهن علمِ دين پڙهائيندا رهن پيا ، ان دوران صرف نمازن جا وقفا (Prayer Breaks) ٿيا، عشاء جي نماز کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مڪان ۾ تشريف وٺي ويا. ڪجھ ئي دير کان پوءِ سادو لباس پهري خوب خوشبو (Perfume) لڳائي فَضا مهڪائيندي، پنهنجو نوراني چهرو چمڪائيندي، مسجد جي ڪونڊ ۾ نفلن ۾ مشغول ٿي ويا ايسيتائين جو صبحِ صادق ٿي وئي، هاڻي حويلي پاڪ (گهر مبارڪ) ۾ تشريف کڻي ويا ۽ لباس تبديل ڪري واپس آيا ۽ نمازِ فجر باجماعت ادا ڪرڻ کان بعد گذريل ڏينهن جيان عشاء تائين درس ۽ تدريس (Teaching) جو سلسلو جاري رهيو. مون سوچيو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جن تمام
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami