Share this link via
Personality Websites!
پڙهڻ ۾ جيترو وقت لڳندو آهي، اهو وقت پوري اهتمام سان، ڀرپور پلاننگ (Planning) سان گذاريو! اسان جڏهن نماز جي لاءِ اٿنديون آهيون، ان وقت کان وٺي نماز ختم ٿيڻ تائين تقريباً 15 کان 20 منٽ يا اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو هوندو. هي جيڪي 15 کان 20 منٽ آهن، هي پوري پلاننگ سان گذارڻ گهرجن.
نماز پوري اهتمام (Pre-arrangement) سان پڙهو. هي 15 کان 20 منٽ يا اڌ ڪلاڪ اسان نماز جي لاءِ ڪڍي رهيون آهيون، هي به اسان جي زندگي جو حصو (Part of life) آهي بلڪه ڏٺو وڃي ته هي زندگي جو سڀ کان قيمتي حصو آهي جو هن وقت ۾ اسان پنهنجي الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي رهيون آهيون، ان ڪري هن وقت کي پوري فڪر مندي سان گذارڻ گهرجي. ڪيئن گذارڻو آهي؟
جڏهن نماز جي لاءِ اٿو ته، ان وقت چڱيون چڱيون نيّتون (Intentions) ڪيو! مثال طور الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ نماز پڙهي رهي آهيان، چڱي طرح وضو ڪنديس، وضو جي سنتن تي عمل ڪنديس، وضو ۾ اسراف کان بچنديس. !
قيامت جي ڏينهن چمڪدار، روشن چهرا
جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته قبرن مان هڪ اهڙي جماعت اٿندي جن جا چهرا چمڪدار تارن جيان هوندا، ملائڪ انهن کي چوندا ته توهان جا اعمال ڪهڙا هئا، اهي جواب ڏيندا ته جڏهن اسان اذان ٻڌندا هئاسين ته وضو جي لاءِ اٿي ويندا هئاسين ۽ ڪنهن ٻئي ڪمَ ۾ مشغول نه ٿيندا هئاسين. پوءِ هڪ اهڙي جماعت ايندي جن جا چهرا چاندي جيان چمڪندا هوندا، اهي ملائڪن جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami