Share this link via
Personality Websites!
دنياوي مصروفيات سان گڏوگڏ وڌ کان وڌ آخرت جي تياري ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ان بابت ڪجھ مدني گُلَ (Madani Pearls) اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا:
(1): نماز جو اهتمام ڪيو!
پهريون مدني گُل هي آهي ته پنج ئي ادا ڪرڻ جو معمول (Routine) بڻايو! نماز پهريون فرض آهي، اعلٰي حضرت امامِ اهلِ سنّت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نماز اوّل شريعت آهي. )فتاویٰ رضویہ،جلد:5،صفحہ:83ملتقطاً (يعني پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي جڏهن پهرين وحي نازل ٿي، ان کان بعد سڀ کان پهريان فرض عبادت جنهن جو حڪم ڏنو ويو، اها نماز آهي.
حديث پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: نماز دين جو ٿنڀ (Pillar) آهي جنهن ان کي ڇڏيو ان جو ڪو دين ناهي.
(شعب الایمان، باب فی الصلوات، جلد:3، صفحہ:39، حدیث:2807بتغیر)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پنهنجي روزانو جي معمول (Routine) ۾ پنج وقت نماز کي اوّلين درجو ڏيو! سڀ کان پهريان نماز، پوءِ ٻيا ڪمَ. هي ڪنديون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي. آخرت به بهتر (Better) ٿي ويندي.
نماز جو ثواب
امام فقيه ابو اللّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (تابعي بزرگ) حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کان نقل ڪيو آهي ته انهن فرمايو: مون تورات جي ڪنهن مقام تي پڙهيو (الله پاڪ فرمائي ٿو): اي موسٰي! فجر جون 2 رڪعتون احمد (هتي احمد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami