Share this link via
Personality Websites!
ساھ قيمتي آهي، هڪ هڪ گهڙي (Precious) انمول آهي، عقلمند اهو ئي آهي جيڪو ڏينهن ۽ رات نهايت احتياط (Caution) سان، سوچي سمجهي ڪري نيڪيون ڪندي گذاري. الله پاڪ اسان کي آخرت جو فڪر نصيب فرمائي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ڏينهن رات جو جدول (Schedule) بڻايون، جنهن ۾ دنيا جا جائز ۽ ضروري ڪمَ به هجن ۽ ان سان گڏوگڏ ڏينهن ۽ رات جو هڪ وڏو حصو آخرت جي لاءِ، نيڪ ڪمن جي لاءِ به رکون. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: ڪوشش ڪيو ته صبح اٿڻ کان بعد کان وٺي ڪري رات سمهڻ تائين سمورن ڪمن جا وقتَ مُقرر (Fix) هجن مثلاً: هيتري وڳي تهجد، علمي مصروفيت، نمازِ فجر (اهڙيءَ طرح ٻيون نمازون به) اشراق، چاشت، ناشتو، ٻِپَهري جو کاڌو(Lunch)، گهريلو معاملا (Domestic Affairs)، شام جي مصروفيت، چڱي صحبت، (جيڪڏهن اها مُيسر نه هجي ته اڪيلو رهڻ ان کان بهتر آهي)، اسلامي ڀينرن سان ديني ضروريات (Religious Needs) جي حوالي سان ملاقات وغيره جا وقت مقرر ڪيا وڃن جيڪي ان جون عادي ناهن انهن جي لاءِ ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ ٿوري ڏکيائي (Difficulty) پيش اچي. پوءِ جڏهن عادت پئجي ويندي ته ان جون برڪتون (Benefits) پاڻ ئي ظاهر ٿي وينديون. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!
( انمول ہیرے، صفحہ:21تا22۔)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هر هڪ جون مصروفيتون جُدا جُدا هونديون آهن، ان ڪري هر هڪ کي گهرجي ته پنهنجي حالات (Situations)، مصروفيات وغيره جي مطابق پنهنجو جدول (Schedule) بڻائين، باقي! اسان پنهنجي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami