Share this link via
Personality Websites!
گذري ويو، اهو توهان کي حڪمت (Wisdom) ۽ ادب سيکارڻ وارو آهي، (اهو ڏينهن گذري چڪو، هاڻي) ان ۾ توهان جي لاءِ صرف نصيحت ۽ عبرت باقي آهي (2): ٻيو اڄوڪو ڏينهن آهي، هي توهان وٽ مهمان (Guest) آهي، جلدئي هليو ويندو، پوءِ وري ڪڏهن موٽي نه ايندو (3): ٽيون ڏينهن اچڻ وارو صبح (Coming Day) آهي، توهان نه ٿا ڄاڻو ته صبح ڪير ڏسندو.
موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:334۔
هر ڏينهن هي صدا لڳائيندو آهي...!!
امام ابنِ ابي الدُّنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هر ڏينهن هي صدا لڳائيندو آهي: (اي انسانو!) مان دنيا آهيان ۽ مان توهان تي گواھ آهيان، اي ابنِ آدم! مان ٻيهر موٽي ڪري نه ايندُس. تنهنڪري اڄ نيڪ اعمال ڪري وٺو...!! اهڙيءَ طرح ايندڙ رات هي چوندي آهي: اي ابنِ آدم! اڄ رات نيڪ اعمال ڪري وٺو! مان ٻيهر موٽي ڪري نه اينديس.
موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:333، ملتقطاً۔
ڪامل ولي حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بيشڪ هي ڏينهن رات 2 خزانا آهن، بَس غور ڪيو ته انهن خزانن کي ڪٿي خرچ (Spend) ڪري رهيا آهيو؟
موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336۔
امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم! هي ڏينهن ۽ رات توهان وٽ مهمان آهن، جلدئي هي توهان جي تعريف (Praise) ڪري يا توهان کي بُرو ڀلو چئي ڪري هليا ويندا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami