Share this link via
Personality Websites!
415520
6549
لِّلعالمين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو امّتي هجڻ جي تقاضا (Requirement) آهي ته اسان به رحم دل بڻجون، پيار، محبت، ڀائيچارو، احسان ۽ مهرباني وارا جذبات دل ۾ وڌايون. پنهنجي وقت جي وڏي امام، امام عبدُ الوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي باري ۾ نهايت پيارا مدني گُلَ ڏنا آهن:
(1): سڀني جي لاءِ رحم دل ٿي وڃو...!!
پاڻ فرمائن ٿا: رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان تمام مسلمانن کي هيءَ نصيحت آهي ته اسان شريعت جي دائري (Realm) ۾ رهي ڪري تمام مخلوق تي رحم ۽ شفقت ڪيون. ([1])
يعني ڪا به شيءِ هجي، انسان هجي، جانور هجي، رڍ، بڪري، ڍڳي، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪِوليون، مک، مڇر (Mosquitoes) پکي، مطلب ته تمام مخلوقات تي رحم ۽ شفقت ڪرڻي آهي، هي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر اُمتي جي لاءِ نصيحت آهي.
جنّت ۾ وڃڻ جي لاءِ رحم دلي ضروري آهي
حضرت ابو موسٰي اَشعري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت، صاحبِ ڪوثر ۽ مالڪِ جنّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَا تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ حَتّیٰ تَرَاحَمُوْا يعني توهان ان وقت تائين جنّت ۾ داخل نٿا ٿي سگهو، جيستائين پاڻ ۾ رحم دل نه ٿي وڃو. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جن عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! کُلُّنَا رَحِیْمٌ يعني اسان سڀ ئي رحم ڪرڻ وارا آهيون. فرمايائون: مطلب هي نه آهي ته توهان مان ڪو پنهنجي دوست تي رحم ڪري بلڪه هن مان مُراد رحمتِ عامه آهي (يعني تمام انسان، جانور، مک،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami