Book Name:Reham Dili Kesay Mili

جي باغن مان باغ بڻجي وڃي ۽ توها ن نجات ماڻي وڃو...!!

ایمان اس کا بچ گیا شیطان سے، جو تیرے                                                           ہے سلسلے میں آ گیا بغداد والے مرشد ([1])

   الله پاڪ حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪروڙين رحمتن جو نزول فرمائي. ڪاش! اسان سندن ڪامل مريد بڻجي وڃون.

(3)  جمادات (بي جان شين) تي به رحم

خير! امام شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مدني گلُ ڏنو: ڪو پنهنجو پاڻ جي باري ۾ جيترو رحم دل آهي، اسان ان کان وڌيڪ ان تي رحم دل ٿي وڃون، هي وراثتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي. اسان کي ڪوشش (Effort) ڪرڻ گهرجي ته اسان رحم دل بڻجي وڃون، انسانن تي به رحم ڪيون، جانورن، پکين، ڪِولِن تي رحم ڪيون بلڪه امام شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت علي خوّاص رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ته ايتري قدر فرمايو ته رحمتِ عامه (Common Mercy) جي شرائط مان هي به آهي ته ماڻهو جمادات (يعني بي جان شين) سان به ايئن ئي رحم دلي سان پيش اچي، جيئن زندھ شين سان پيش ايندو آهي. ([2])

ڏسو! پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام جهانن جي لاءِ رحمت آهن، پاڻ انسانن جي لاءِ رحمت، جانورن جي لاءِ به رحمت، وڻن جي لاءِ به رحمت ۽ الحمد لله! اسان جا پيارا نبي، رحمتن وارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جمادات (يعني بي جان شين) جي لاءِ به سراپا رحمت آهن،

اُسۡتُنِ حنّانَه جو واقعو مشهور آهي. بخاري شريف ۾ روايت موجود آهي، مسجدِ نبوي شريف ۾ هڪ کجيءَ جي سُڪَل ٿُڙَ هوندو هو، پيارا آقا، مديني


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:546۔

[2]... لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:573۔