Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

عام ٿي رهيون هيون، معاذالله ! قرآني آيتن جا مفهوم مٽائڻ جي ناپاڪ جسارت ٿي رهي هئي، اسلامي تعليمات (Islamic Teachings) کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، اُن فتنن جي دور ۾ الله پاڪ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   جي صورت ۾ اسلامي دنيا کي هڪ عظيم  نعمت سان نوازيو، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  مُجدد بڻجي تشريف کڻي آيا ۽ الحمدلله ! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  قلم جي نِبَ سان  انهن فتنن کي ختم ڪيو، ڪافرن جي سازشن کي ناڪام بڻايو،  بدمذهبي جو زور ٽوڙيائون، بدعقيدگي جو خاتمو ڪيائون، اصل اسلامي عقائد جي درست تشريح فرمائي، اسلامي عقائد تي، اسلام جي اعليٰ تعليمات تي، قرآن جي عزت ۽ حُرمت تي، رسول اڪرم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عزت ۽ ناموس تي پهرو ڏنائون، بدعتن کي ختم ڪيائون، سنتن کي عام ڪيو، معاشري جي اصلاح فرمائي، ماڻهن کي عشق رسول جا جام ڀري پياريائين ۽ الحمدلله ! فتنن کي جڙ کان مٽائي دين اسلام جو پرچم بلند ڪيائون.

تفسیرِ عشقِ احمدِ مختار کس کی ذات؟                            لارَیْب وہ ہمارا رضا ہے، امام ہے

مقبولِ آستانِ رسولِ کریم ہیں                                 احمد رضا کا اَرْفع و اعلیٰ مقام ہے

اَہْلِ سُنن کا پیشوا، ابنِ نقی علی                                  عشقِ نبی کے چرخ کا ماہِ تمام ہے

منطق ،مُنَاظرہ ہو کہ تفسیر ،ترجمہ                              ہر عِلْم میں رضا ہی مکمل امام ہے

اَڄُ صفرالمظفر جي 26 تاريخ جي رات آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه 25 صفرالمظفر تي عاشقانِ رسول ڌوم ڌام سان پنهنجي امام، امام اهل سنت سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو عرس شريف ۽ خوشيون ملهائيندا آهن. الله پاڪ پنهنجي ولي ڪامل سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صدقي اسان سڀني تي رحمت جي نظر فرمائي، اسان کي عشق رسول جي دولت ملي، فتنن واري هن دور ۾ ايمان تي استقامت ۽ آخرت ۾ بنا حساب ۽  ڪتاب جي جنت ۾ داخلا نصيب ٿئي.