Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

 (8) پمفليٽ ”جشنِ ولادت جا 12 مدني گل “ ممڪن هجي ته 112 نه ته گهٽ ۾ گهٽ 12 عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو ”صبحِ بهاران“ 12 عدد ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خصوصاً انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي جـشن ولادت جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع الاول شريف جي دوران 1200 روپيا، جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته 112 روپيا ۽ اهو به نه ٿي سگهي ته 12 رپيا ڪنهن سني عالم کي پيش ڪريو، جيڪڏهن پنهنجي مسجد جي امام، مؤذن يا خادمن ۾ ورهائي ڇڏيو تڏهن به ٺيڪ آهي، زهي نصيب ! هيءَ خدمت هر مهيني جاري رکڻ جي سعادت حاصل ٿئي.. شادين جي موقعي تي شادي ڪارڊ سان گڏ  رِسالا ۽ ٿي سگھي ته مذڪوره ميموري ڪارڊ به شامل ڪريو۔

ولادتِ شہِ دیں ہر خوشی کی باعث ہے                     ہزار عید سے بھاری ہے بارہویں تاریخ

  (9)  وڏي شهر ۾ هر علائقي مشاورت جا نگران (ڳوٺن وارا ڳوٺن ۾)12 ڏينهن تائين روزانو مختلف مسجدن ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماع  منـعقد ڪن (ذميدار اسلامي ڀينرون گهرن ۾ اجتماع فرمائن) ربيع الاول شريف جي دوران ٿيڻ وارن تمام اجتماعن ۾ جن کان ٿي سگهي اهي سبز جهنڊا گڏ کڻي اچن ـ

لَب پر نعتِ رسولِ اَکرم ہاتھوں میں پرچم            دیوانہ  سَرکار  کا   کتنا    پیارا    لگتا    ہے

 (10) 11 ربيع الاول جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان اڇو لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ واري سفيد چادر پردي ۾ پردي لاءِ چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قافلو پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هرشيءِ ممڪن هجي ته نئي وٺو.