Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ته بنا نقش ۽ بنا لکت جا سادا ساوا جهنڊا لڳايو. (سگِ مدينه عفي عنه به حتي الامڪان پنهنجي مڪان بنام بيت الفناتي سادا (يعني بغير ڪنهن نقش ۽ لکت جي) جهنڊا لڳائيندو آهي

سعادت ملے درسِ فیضانِ سُنّت                     کی روزانہ دو مرتبہ یاالہٰی !

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۰۳)

(6)  پنهنجي گهر تي 12 جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ 12 بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به 12 ڏينهن تائين خوب لائيٽنگ ڪيو (پر انهن ڪمن لاءِ بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن جي ترڪيب بڻايو) سڄي علائقي کي سبز سبز جهنڊن ۽ رنگ برنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽهڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوقِ عامه ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا جهنڊا لڳايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، ۽ گهٽيءَ وغيره ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿي ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي.

مَشرق ومَغرب میں اک اک ! بامِ کعبہ پر بھی ایک ڌ    نَصب پرچم ہوگیا ، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا

 

 (7) هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن رپين جا مڪتبة المدينه جا ڇپيل رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهائي ۽ اسلامي ڀينرون به تقسيم ڪرائن، اهڙي طرح سڄو سال اجتماعن ۾ لنگرِ رسَائل جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو.  شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به “لنگرِ رسائل” هلايو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريو ـ

بانٹ کر  مَدَنی  رسائل  دِین کو پھیلائیے         کرکے راضی حق کو حقدارِ جِناں بن جائیے