Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

اب مُرادیں دل کی پائیں، آمد شاہِ عرب ہے

                                                                                        (قبالہ بخشش، ص۱۸۴)

(4) دعوت اسلامي جا نگران ۽ ذميدارن سميت تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر نيت ڪيو هفته وار مدني مذاڪري  ۾ شرڪت ۽ هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ به شرڪت ڪنداسين.  ربيع الاول شريف ۾ خصوصيت سان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪن.

میں  مبلِّغ بنوں سنتوں کا ،خوب چرچا کروں سنتوں کا

یا خدا ! درس دوں سنتوں کا ،ہو کرم ! بہر خاکِ مدینہ

 (5)پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي 12 عدد نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد سبز سبز جهنڊو ربيع الاول شريف جي چنڊ رات کان وٺي سڄو مهينو لڳايو، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، ٽانگن وغيره تي ضرورت موجب پنهنجي کيسي مان رقم ڀري جهنڊا خريد ڪري لڳايو، پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، اِنْ شَآءَ الله هر طرف سبز سبز جهنڊن جون بهارون مرڪندي نظر اينديون، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بي ڍنگا شعر لکيل هوندا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽرڪن، بسن، ويگنن، رڪشن، ٽيڪسين، سوزوڪين، ۽ ڪارن وغيره جي پٺيان وڏن لفظن ۾ هي لکيل هجي، مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي، مالڪن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان ملي ڪري مدني ترڪيبون ڪيو ۽ سگِ مدينه عفي عنه جي دل جون دعائون وٺو.

ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي نعلين پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي اچي پئي ۽ جيئن ئي ربيع الاول شريف جو مهينو موڪلائي وڃي ته فوراً لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن احتياط نه ٿو ٿي سگهي ۽ بي ادبي ٿيڻ جو انديشو هجي