Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ڪيو پوءِ ثواب جي نيّت سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪئي ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو۔ ([1])  *  بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّت آهي جيڪڏهن معلوم آهي ته عِيادت ڪرڻ ان بيمار شخص کي نٿي وڻي ته انهيءَ حالت ۾ عِيادت جي لاءِ نه وڃي. ([2])  *  جيڪڏهن بيمار سان اوهان جي دل ۾ ناراض آهيو تڏهن به عيادت ڪريو  *  سنّت جي پيروي جي نيّت سان عِيادت ڪجي جيڪڏهن رڳو هن جي لاءِ عيادت ڪئي ته جڏهن مان بيمار ٿيان ته هو مون وٽ عيادت جي لاءِ اچي ته ثواب نه ملندو  *

 * ڪنهن جي عِيادت جي لاءِ وڃو ۽ مَرَض جي سختي ڏسو ته ان کي ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون نه ڪريو مثلاً تنهنجي حالت خراب آهي ۽ نه ئي ان انداز سان مٿو هلايو جنهن سان حالت جو خراب هجڻ سمجهيو وڃي * عيادت جي موقعي تي مريض يا ڏکايل شخص جي سامهون پنهنجي چهري تي رنج ۽ غم جي ڪيفيت ظاهر ڪيو * ڳالهه ٻولهه جو انداز هرگز اهڙو نه هجي جو مريض يا سندس عزيزن کي وسوسا اچن ته هي اسان جي پريشاني تي خوش ٿي رهيو آهي ! * مريض جي گهر وارن سان به همدردي جو اظهار ڪريو ۽ جيڪڏهن خدمت يا مدد ڪرڻ چاهيو ته ڪريو * مريض وٽ وڃي ڪري طبعيت پڇو ۽ هن جي لاءِ صحّت ۽ عافيت جي دُعا ڪريو * مريض کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرايو مريض جي دُعا رد ناهي ٿيندي * عِيادت ڪندي موقعي جي مناسبت سان مريض کي نيڪي جي دعوت به پيش ڪجي، خُصوصاً نماز جي پابندي جو ذهن ڏجي ڇو ته بيماري ۾ ڪيترائي نمازي به نمازن کان غافل ٿي ويندا آهن * مريض جي ڀرسان گهڻي دير تائين نه ويهو ۽ نه گوڙ ڪريو ها جيڪڏهن بيمار پاڻ ئي دير تائين ويهارڻ جو خواهش مند آهي ته ممڪن هجي ته اوهان هن جي جذبن جو احترام ڪريو * بيمار جي عِيادت جي موقعي تي تحفو ڏيڻ سٺو ڪم آهي پر نه ڏيڻ جي صورت ۾


 

 



[1] ابوداوٗدج۳ص۲۴۸حديث ۳۰۹۷

[2] بهار شريعت ج۳ص۵۰۵