Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

ان جي دلي ڪاراڻ، ان جي دِل تي ڇانيل غرور ۽ تڪبر جي اونداھي ان کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ هي قيامت تائين جي لاءِ نشانِ عبرت بڻجي رهي ويو۔

ٻي پاس مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِلافت آهي، پاڻ ڪم و بيش 22 لک چورس ميل جا  اڪيلا خليفا هئا، ايتري وڏي سلطنت جو خليفو هئڻ ڪيتري وڏي ڪاميابي آهي، ان سان گڏوگڏ اوهان جي دِل به صاف هئي، دِل ۾ ايمان جو نُور به موجود هو، سندن دِل ۾ تڪبر نه هو، عاجزي هئي، جهالت نه هئي، عِلم هو، ڪفر نه هو، ايمان هو، ناشڪري نه بلڪه عبادتن جو نُور هو، هاڻي هتي ڏسو! نتيجو ڇا نڪتو...!! الله پاڪ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪاميابين کي دوام عطا فرمايو، پنهنجا ته پنهنجا آهن ڪافِر به اڄ تائين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي واکاڻ ڪن ٿا، سندن سيرت مان، کين اندازِ خِلافت مان سبق سکن ٿا۔

معلوم ٿيو؛ دُنياوِي ترقي به حقيقتاً انهيء وقت ترقي بڻجي سگھي ٿي، جڏهن دِل پاڪ هجي، دِل صاف هجي، دِل ۾ نُور هجي، جيڪڏهن دِل گندي هجي، دِل تي گُنَاهن جي مير چڙهيل هجي ته دُنياوي ترقي توڙي جو ملي سگھي ٿي پر ان کي دوام (يعني هميشگي) ناهي ملندي، گندي دِل وارن جي ترقي ڪجھ ڏينهن جي هوندي آهي، پوءِ تَنَزُّلي شروع ٿي ويندي آهي۔

مڪي جا ڪافر پنهنجي طَور تي عزّت دار هئا، انهن وٽ مال هو، دولت هئي، ماڻهن ۾ قَدر جي نگاھ سان ڏٺا ويندا هئا، طاقت به هئي، ظاهري حُسن به کوڙ سارن کي مِليل هو، پر هي ڪافِر هئا، دِل جا انڌا هئا، الله پاڪ فرمايو:

لَہُمۡ قُلُوۡبٌ لَّا یَفۡقَہُوۡنَ بِہَا ۫  (پاره:9،سورۂ اعراف:179)

ترجَمو ڪنزُ العرفان: انهن جون اهڙيون دليون آهن جن جي ذريعي اهي سمجهن نه ٿا