Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ڇڏي باقي زندگي اَهلِ بيت جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي۔([1])

دولتِ دیدار پائی پاک جانیں بیچ کر                             کربلا میں خوب ہی چمکی دکانِ اَہْلِ بیت([2])

اي عاشقانِ رسول! نصراني راهب امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سَر مبارڪ جو اَدب ڪيو ته ان کي ايمان جي دولت نصيب ٿي، ٻي پاسي بظاهر ڪلمو پڙهندڙ يزيدي بدبخت لالچي هئا، انهن جو حِرص، دنيا جي دولت جي هوَس انهن کي تباھ ڪيو، انهن يزيدي بدبختن امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خيمن مان جيڪي درهم ۽ دينار ڦُريا هئا ۽ جيڪي راهِب کان ورتا هئا، انهن کي ورهائڻ جي لاءِ جڏهن ٿيلهين جا وات کوليائون ته ڇا ٿا ڏسن جو اهي سڀ درهم ۽ دينار ٺِڪريون بڻجي ويا هئا، ۽ انهن ٺڪرين جي هڪ پاسي سيپاري 13، سورهءِ ابراهيم جي هي آيت لکيل هئي؛

وَ لَا تَحۡسَبَنَّ اللّٰہَ غَافِلًا عَمَّا یَعۡمَلُ الظّٰلِمُوۡنَ  (پارہ:13،سورۂ ابراہیم:42)

ترجموڪنزالعرفان؛ ۽ (اي ٻڌڻ وارا) هرگز الله کي انهن ڪمن کان بي خبر گمان نه ڪجان جيڪي ظالم ڪري رهيا آهن.

۽ ٻئي پاسي سيپاري 19، سورةُ الشُّعَراء جي هي آيت لکيل هئي؛

وَ سَیَعۡلَمُ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡۤا اَیَّ مُنۡقَلَبٍ یَّنۡقَلِبُوۡنَ (۲۲۷(پارہ:19،سورۂ شعراء:227)        

ترجموڪنزالعرفان؛ ۽ عنقريب ظالم ڄاڻندا ته ڪهڙي پاسي ڦيرو کائيندا.

    اي عاشقانِ صحابه ۽ اَهلِ بيت! ڪيتري عِبرَت جي ڳالھ آهي! امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سَر مبارڪ جو اَدَب ڪرڻ جي برڪت سان هڪ غير مسلم کي


 

 



[1]...الصواعق المحرقۃ، الباب الحادی عشر، فی فضائل اہل البیت، صفحہ:246۔

[2]...ذوق نعت، صفحہ:103۔