Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

آهي * نبين جي به  نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادت سڳوري هئي ته ڪنهن به صحابي(رَضِىَ اللهُ عَنۡه) جي بيمار ٿيڻ جي خبر ملندي هئي ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي عيادت جي لاءِ ويندا هئا * جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهي ته پاڻ ان بابت ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن هو بيمار هوندو هو  ته ان جي عيادت فرمائيندا هئا.([1]) * ۽ عِيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني شريف جي آخري ڪناري تائين به وڃڻو پئي ويندا هئا ۽ پنهنجي صحابي سڳورن (رَضِىَ اللهُ عَنۡهم) جي عيادت ڪندا هئا۔([2]) * مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر امير ۽ غريب جي گھر بيمار پرسي جي لاءِ ويندا هئا۔([3]) * حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ سڳوري هئي ته جڏهن ڪنهن مريض جي عِيادت لاءِ ويندا هئا ته هي فرمائيندا هئا: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ ( يعني: ڪو حرج جي ڳالھ نه آهي، الله پاڪ چاهيو ته هي مرض (گناهن) کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي) هڪ اعرابي (ڳوٺاڻي) جي عِيادت لاءِ ويا ته هي فرمايائون: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ ۔([4])

عيادت ۽ ڪيئي روحاني علاج بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو بيمار عابد پڙھو۔

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو


 

 



[1]...مسند ابی یعلی، جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔

[2]... مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔

[3]...مرآۃ المناجیح، جلد: 2، صفحہ:407۔

[4]...بُخاری،کتاب: المناقب، صفحہ:919، حدیث:3616 ۔