Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar
ممڪن آهي ماڻهن جي ذهن ۾ هي تصور هجي ته 2، 4 سؤ يا 1 هزار جو ميڙ هجي ته انهيءَ کي مجلس چيو ويندو آهي، ايئن ناهي. مجلس جي معنٰي آهي: ويهڻ جي جڳھ. هڪ اڪيلو شخص ويٺو هجي، اِها به مجلس آهي، 2 ماڻهو ويٺا هجن، هي به مجلس آهي، 4 ماڻهو ويٺا هجن، هي به مجلس آهي، 500 ماڻهن جو اجتماع هجي يا 5 هزار جو، هي به مجلس ئي آهي. مطلب هي ٿيو ته * توهان چاهي اڪيليون ويٺيون هجو، تڏهن به عُمر جو ذڪر ڪريو! * گهر وارن سان ويٺيون هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو*سهيلن سان ويٺا هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو!* دسترخوان تي هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! * جيڪڏهن ديني اجتماعن ۾ هجو تڏهن به عُمر جو ذِڪر ڪريو! مطلب ته! پنهنجي هر مجلس کي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ الله عَنْه جن جي ذِڪر سان سينگاريندا ڪريو!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهڙي ئي هڪ حديث پاڪ دُرودِ پاڪ جي مُتعَلّق به آئي آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: زَیِّنُوْا مَجَالِسَکُمْ بِالصَّلَاۃِ عَلَیَّ پنهنجي مجلسن کي مون تي دُرود پڙهي ڪري سينگاريو! ([1]) تنهنڪري بهتر هي آهي ته گهر ۾، ڪٿي به ويهو ته پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ درودِ پاڪ عرض ڪريو ۽ انهيءَ درودِ پاڪ جي سلسلي ۾ ذڪرِ صحابه به شامل ڪريو، ذڪرِ اهلِ بيت به شامل ڪريو ۽ خاص طور خلفاءِ راشدين جو به ذڪر شامل ڪريو، هر مجلس ۾ دُرودِ پاڪ پڙهنداسين، ذڪرِ صحابه ۽ اهلِ بيت ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکریم! عشقِ مطصفٰي ۾ به اضافو ٿيندو ۽ دل ۾ صحابه ۽ اهلِ بيت عَليهمُ الرّضوان جي محبت به وڌندي.
چاهيو ته هيئن دُرودِ پاڪ پڙهي وٺنديون ڪريو!