Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

وضاحت: گهر بڻائڻو هو، قيد خانو ٺهي ويو، اسان ٺاهي ڇا رهيا هئاسين؟ ۽ ٺهي ڇا ويو؟ مطلب  هي ته اسان ابتي رستي جا مسافر ٿي وياسين، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته اسان ٻين جي لاءِ زندگي جو نمونو بڻجون ها، اسان جي سبب اسلام کي ترقي ملي ها پر ابتڙ ٿي ويو، ماڻهو اسان جي ڪري اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳا.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اسان مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الله عَنْه جن جو ذڪرِ خير ٻڌو، پاڻ سڄي زندگي اسلام جي سربلنديءَ جي لاءِ گذاري ڇڏي، اچو! اسان به دل مان دنيا جي محبت ڪڍون مال ۽ دولت جي لالچ کان پُٺ ڇڏرايون ذاتي جهيڙا جهڳڙا ختم ڪري هڪ ٿي وڃون ٻڌي ۽ اتّفاق سان سڀئي مسلمان ملي ڪري دين جي خدمت ڪريون اسان پنهنجو ڪردار دين جي مطابق بڻايون پنهنجا ڪم دين ۽ شريعت جي مطابق ڪريون پنهنجي چال چلت بدليون پنهنجي طرزِ زندگي اسلامي اصولن جي مطابق بڻايون اچو! سنّتن جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير بڻجون زبان تي سچائي، ڪردار ۾ ايمانداري همدردي رحم دلي عدل ۽ انصاف دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت ربّ جي رضا ۽ اخلاص هجي، ايئن اسان پاڪيزه زندگي گذاريون، پاڻ به نيڪ بڻجون ۽ ٻين جي ترغيب جو سامان پڻ بڻجون.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى الله عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت