Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar
جيڪو به امّتي توهان تي هڪ ڀيرو دُرود شريف پڙهندو، الله پاڪ ان تي 10 رحمتون به نازل فرمائيندو ۽ 10 درجات به بلند فرمائيندو. ([1])
مومنو! پڑھتے نہیں کیوں اپنے آقا پر درود ہے فرشتوں کا وظیفہ اَلصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام([2])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.[3] لهٰذا پنهنجي حسبِ حال سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌنديس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پنهنجي محفلن کي عُمر جي ذڪر سان سينگاريو!
حضرت عائشه صدّيقه طيّبه، طاهره رَضِىَ الله عَنْها فرمائن ٿيون: زَیِّنُوْا مَجَالِسَکُمْ بِذِکْرِ عُمَرَ پنهنجي مجلسن کي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ الله عَنْه جي ذڪر سان سينگاريندا ڪريو! ([4])