Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar
هزارن يا لکن ۾ هوندا پر قربان وڃو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري صحابه جو نرالو شان آهي، هي حضرات اڃان دنيا ۾ آيا به نه هئا، ان کان صديون پهريان انهن جا تذڪرا دنيا ۾ موجود هئا، ماڻهو انهن کي ڄاڻيندا به هئا، انهن جو ذڪرِ خير به ڪندا هئا ۽ هي ذڪر به ڪو عام ذڪر نه هو بلڪه الله پاڪ جي ڪلام ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ الله عَنْهم جي ذڪرِ خير جي باقاعده تلاوت ڪئي ويندي هئي ۽ ماڻهو ثواب جي اميد تي انهن جو ذڪرِ خير ڪندا هئا.
الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ فَضۡلًا مِّنَ اللّٰہِ وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ
(سيپارو: 26، سورة فتح :29)
ترجمو ڪنزالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل آهن. تون انهن کي رڪوع ڪندي، سجدا ڪندي ڏسندين، الله جو فضل چاهن ٿا، ان جي علامت انهن جي چهرن ۾ سجدن جي نشان سان آهي.
هن آيت ڪريمه ۾ الله پاڪ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ الله عَنْهم جي سڃاڻپ ڪرائي آهي ته منهنجي محبوب جا صحابه ڪير آهن؟ هي اهي ماڻهو آهن (1): جيڪي ڪافرن تي نهايت ئي سخت آهن (2): پاڻ ۾ تمام گهڻو نرم دل آهن (3): هي ڪثرت سان نمازون پڙهندا آهن، ڪڏهن سجدا ڪندا آهن، ڪڏهن رڪوع ڪندا آهن (4): هي رياڪاري ناهن ڪندا، ڏيکاءُ جي لاءِ عبادت ناهن ڪندا بلڪه انهن جو مقصود صرف ۽ صرف الله پاڪ جو فضل ۽ ان جي رضا آهي (5): صحابهءِ ڪرام رَضِىَ الله عَنْهم اهي هستيون آهن جو انهن جي چهري تي سجدن جا نشان ۽ عبادت جو نور نظر ايندو آهي.