Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
يعني جنت جي نعمتن مان سڀ کان وڏي نعمت هي هوندي ته الله پاڪ جنتين کان راضي هوندو، ڪڏهن ناراض نه ٿيندو۔([1])
پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ اهلِ جنت کي فرمائيندو: اي جنتيو! ڇا توها راضي ٿي ويؤ؟ جنتي عرض ڪندا: موليٰ! راضي ڇو نه ٿينداسين تو اسان کي اهي نعمتون ڏنيون جيڪي ڪنهن کي ناهي ڏنيون۔ الله پاڪ فرمائيندو: مان توهان کي ان سڀ کان اعليٰ نعمت ڏيندس، جنتي عَرض ڪندا: موليٰ! انهن کان افضل ڪهڙي شيء ٿي سگھي ٿي؟ الله پاڪ فرمائيندو: مان توهان کان راضي رهندس ڪڏهن ناراض نه ٿيندس۔([2])
معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي رِضا ملڻ آخرت جي انعامن ۾ سڀ کان وڏو انعام آهي ۽ هي انعام ملندو ڪيئن آهي؟ امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هي (آخرت جو سڀ کان وڏو انعام) انهيء صُورت ۾ ملندو آهي جو ٻانهو دُنيا ۾ الله پاڪ کان راضي رهي۔([3])
هڪ ڀيري بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! الله پاڪ کان اهڙو عَمَل معلوم ڪيو جو جڏهن اسان اهو عَمَل ڪريون ته الله پاڪ اسان کان راضِي ٿي وڃي۔ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بني اسرائيل جو مُدَّعا پيش ڪيو، هن تي الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! بني اسرائيل کي ٻڌايو! هو مون کان راضِي رهن، مان اُنهن