Share this link via
Personality Websites!
آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): الله ڪريم کي اها ڳالھ پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ هر ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري۔([2]) (2): پنهنجون زبانون ذڪر سان ۽ دل شُڪر سان تر رکو!۔([3])
اي عاشقانِ رسول! شُڪر ڪرڻ سُنّت آهي * الله جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان شڪر ڪندا هئا * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ناشڪري نه ڪئي * شڪر اعليٰ عبادت آهي * شڪر ڪرڻ سان نعمت ۾ اضافو ٿيندو آهي * ٻانهي کي نعمت ملي، ٻانهو شڪر ڪري، ان جي برڪت سان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ٻانهو عذاب کان محفوظ رهندو۔ ([4])
شڪر ڪرڻ جو طريقو: * حضرت ابو بڪر شبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نعمت کي ڏسڻ بدران، نعمت ڏيڻ واري تي نظر رکڻ شڪر آهي۔([5]) مثلاً اوهان کي سيلري ملي، هي به نعمت آهي، امتحان ۾ پاس ٿيا، پٽ يا ڌيء جي ولادت ٿي، نماز جي
[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔
[2]...مُسْلِم، کتابُ الذِّکْر و الدُّعَا، صفحہ:1122، حدیث:6932۔
[3]...شُعَبُ الْاِیْمَان، باب: محبۃ ُ اللہ، جلد:1، صفحہ:419، حدیث:590، ملتقطاً۔
[4]...صِرَاطُ الجنان، جلد:4، صفحہ:406، خُلاصۃً۔
[5]...اِحْیَاءُ العلوم، کتابُ الصَبْر والشکر، جلد:4، صفحہ:103، خلاصۃً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami