Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

جيڪي خوش نصيب عاشقانِ رسول هن سال قرباني جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن، الله پاڪ انهن سڀني جون قربانيون پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ۽ جيڪي قرباني جي استطاعت نٿا رکن ۽ دل ۾ حسرت رکن ٿا، الله پاڪ انهن کي به استطاعت نصيب فرمائي۔

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

اَلحمدُ لله! قرباني جي ڏينهن ۾ جانور خريد ڪيا ويندا آهن، ڪجھ ڏينهن گھر ۾ رکڻ جو به سلسلو ٿيندو آهي، هن حوالي سان اسان کي گھرجي ته اسان جانورن جا حقوق به سکون ۽ انهن بي زبانن جو ڀرپُور خيال به رکون، اچو هن حوالي سان هڪ خوبصورت حديث پاڪ ۽ ان جي مختصر وضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:

هر شيء ۾  اِحسَان جو  حڪم ڏنو  ويو  آهي

حضرتِ شَدَّاد بن اَوۡس رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابيء رسول آهن ۽ مشهور صحابيء رسول، شاعِرِ دربارِ رسالت حضرتِ حسان بن ثابت رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا ڀائيٽا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّ اللَّهَ كَتَبَ الْاِحْسَانَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ بيشڪ الله پاڪ هر شيء ۾ احسان جو حڪم ڏنو آهي فَاِذَا قَتَلْتُمْ لهٰذا جڏهن توهان ڪنهن کي قتل ڪريو (مثلا ًڪنهن جرم ڪيو ۽ ان کي موت جي سزا ڏيڻي هجي) فَاَحْسِنُوا الْقِتْلَةَ ته ان کي احسان ۽ ڀلائي سان قتل ڪريو (يعني اهڙي انداز ۾ ان کي سزا ڏيو جو ان کي وڌيڪ تڪليف نه کڻڻي پوي، مثلاً ان جا ڪن نه ڪٽيو! ان کي باھ ۾ نه ساڙيو! بلڪه اهڙي انداز ۾ قتل ڪريو جو ان کي گھٽ مان گھٽ تڪليف برداشت ڪرڻي پئي) رحمتِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وڌيڪ فرمايو: وَ اِذَا ذَبَحْتُمْ فَاَحْسِنُوا الذِّبْحَ ۽ جڏهن توهان ذبح ڪريو ته ان ۾ به اِحسان ۽ ڀلائي جو لحاظ رکو! وَلْيُحِدَّ اَحَدُكُمْ شَفْرَتَهٗ وَلْيُرِحْ ذَبِيحَتَهٗ   توهان مان هر هڪ کي گهرجي ته ڇُري تيز ڪري ڇڏي! ۽ پنهنجي ذبيحي(يعني