Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
هنن ڏينهن ۾ خُوب دُعائون گُھرو، الله پاڪ کان بخشش گُھرو، جنّت گھرو، مشڪلات کان ڇوٽڪارو گُھرو، مديني جي ھر ھر بااَدَب حاضري گھرو، مديني ۾ مرڻ جون دُعائون گُھرو، دِين جون ڀلائيون به گُھرو، دُنيا جون به ڀلائيون گھرو۔ حضرتِ عِڪرمه رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اَيام تشريق ۾ هي دعا گھرڻ مستحب آهي، ڪهڙي دعا؟ جيڪا الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ اسان کي سيکاري آهي:
رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً وَّ قِنَا عَذَابَ النَّارِ )۲۰۱((پاره:2،سورۂ بقره:201)
ترجموڪنز الايمان: اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي آخرت ۾(به) ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ۔([1])
اِلٰہی! میں تیری عطا مانگتا ہوں کرم مغفرت کی دُعا مانگتا ہوں
ِالٰہی! نہیں مانگتا مال و دولت فقط تجھ سے تیری رضا مانگتا ہوں
نہ دے ایسی خوشیاں جو غفلت میں ڈالیں خُدایا! غمِ مصطفےٰ مانگتا ہوں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اَلحمدُ لله! قرباني جا ڏينهن ويجھو آهن، هر پاسي سُنَّتِ ابراهيمي جي ڌوم متل آهي، خوش نصيب ماڻهو الله پاڪ جي خليل حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي سُنَّت کي ادا ڪرڻ لاءِ مال خرچ ڪري خوبصورت کان خوبصورت جانور خريد ڪري رهيا آهن، گھٽين ۾ جانورن جي رونق آهي،