Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

آهي، مثلاً نماز تڪبيرِ تحريمه کان شروع ٿئي ٿي، سلام تي ختم ٿي وڃي ٿي، روزو سحري کان شروع ٿئي ٿو، اِفطار تي ختم ٿي وڃي ٿو، اهڙي طرح حج جا به مخصوص ڏينهن آهن، مطلب هر عبادت جو هڪ مقرر  وقت آهي پر ذِڪر اها عبادت آهي جنهن جو ڪو مَحدُود وقت نه آهي، هي سڄي زندگي جي عبادت آهي، يعني ٻانهو هي ته چئي سگھي ٿو مان نماز پڙھي چڪو آهيان پر هي نٿو چئي سگھي ته مان ذِڪرُ الله کان فارغ ٿي چڪو آهيان، ذِڪر سڄي زندگي جي عِبَادت آهي، هن جو اختتامي وقت موت ئي آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان هميشه پنهنجي زبان کي ذِڪرُ الله سان تَر رکون، بالخصوص اَيامِ تشريق ۾ ته ڪثرت سان ذِڪر ڪيو وڃي جو هنن ڏينهن ۾ ذِڪرُ الله جو خصوصاً حڪم ڏنو ويو آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي ڪثرتِ ذِڪر جي توفيق عطا فرمائي۔

کاش لب پر مرے رہے جاری                          ذِکْر آٹھوں پہر ترا یارَبّ!

چشمِ تَر اور قلبِ مُضْطَر دے                                اپنی  اُلْفَت  کی  مَے پِلا  یارَبّ! ([1])

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دُعائن جي قبول ٿيڻ جا ڏينهن

حضرتِ ابوموسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابي رسول آهن، پاڻ 10 ذوالحج تي خطبو ڏيندي فرمايائون: گڻپ وارن ڏينهن (يعني اَيامِ تشريق)، جن ڏينهن ۾ الله پاڪ  ذڪرُالله جو حڪم ڏنو آهي، هي اهي مبارڪ ڏينهن آهن جو انهن ۾ دُعا رَدّ ناهي ڪئي ويندي، تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ الله جي طرف پنهنجي رغبت اڃان وڌايو۔([2])

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اَيامِ تشريق دُعائون قبُولِ ٿيڻ جا ڏينهن آهن،


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:79۔

[2]... لطائف المعارف ، صفحہ:388۔