Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

پاڻ ۾ ملايو ويو، ان کي تڪبيرِ تشريق چوندا آهن: اَلله اَڪبَرُ اَلله ُ اَڪبَرُ لَآ اِلٰه اِلَّا الله وَالله اَڪبَرُ اَلله اَڪبَرُ وَلِلّٰه الْحَمْد۔([1])

ڪاش! اسان پنهنجو هي انداز ٺاهيون، هر نماز کان بعد اکيون بند ڪري حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي قرباني جو تَصَوُّر ڪري تڪبيرِ تشريق پڙھون، اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! تڪبير پڙهڻ جو لُطف وڌي ويندو۔ الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي۔

اَيامِ تشريق ذِڪرُ الله ڪرڻ جا ڏينهن آهن

اي عاشقانِ رسول!  10 ذوالحج (يعني عيدُ الَاَضْحيٰ جي پهرين ڏينهن) کان وٺي 13 ذوالحج  تائين، يعني انهن 4 ڏينهن جو روزو رکڻ شريعت ۾  منع آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلَا وَاِنَّ هٰذِهِ الْاَيَّامَ اَيَّامُ اَكْلٍ وَّشُرْبٍ وَّذِكْرِ اللَّهِ ٻڌو! بيشڪ هي ڏينهن کائڻ پيئڻ ۽ ذِڪرُ الله ڪرڻ جا ڏينهن آهن۔([2])

  حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته هي ڏينهن ٻانهن جي مهماني جا ڏينهن آهن، جن ۾ الله پاڪ ميزبان ۽ ٻانهو مهمان هوندو آهي، ان ڪري هنن ڏينهن ۾ روزو رکڻ ڄڻ الله پاڪ جي دعوت جو اِنڪار ڪرڻ آهي، لهٰذا انهن ڏينهن ۾ کائو! پيئو! ۽ خوب الله جو ذڪر ڪريو!([3])

ذِڪرُ الله جو ڪو اِختِتَامي وقت ناهي

  عالم سڳورا فرمائن ٿا: حج ۽ قرباني مڪمل ٿيڻ کان بعد جا جيڪي ڏينهن آهن، هنن ڏينهن ۾ الله پاڪ خصوصيت سان ذِڪرُالله جو حڪم ڏنو آهي۔ هن مان اِهو مدني گل سکڻ لاءِ ملي ٿو ته هر عبادت جو هڪ مَحدُود وقت (time period )


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح،جلد:2،صفحہ: 88 مفہوماً۔

[2]... مسلم ، کتاب الصیام ، باب تحریم صوم ایام التشریق ، صفحہ:412، حدیث :1141۔

[3]... مرآۃ المناجیح ،جلد:3، صفحہ:186 بتغیر قلیل ۔