Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
تڪبير چوڻ واجب آهي ۽ 3 ڀيرا تڪبير چوڻ افضل آهي، هن کي تڪبيرِ تشريق چيو ويندو آهي۔
تڪبير ِتشريق هي آهي: اَللہُ اَکْبَرُ اَللہ ُ اَکْبَرُ لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاللہُ اَکْبَرُ اَللہُ اَ کْبَرُ وَلِلّٰہِ الْحَمْد
* تڪبيرِ تشريق سلام ورائڻ کان فوراً بعد پڙهڻ واجِب آهي * ۽ جيڪو مسبوق هجي يعني جيڪو جماعت ۾ دَير سان شامِل ٿيو هجي ۽ ان جون ڪجھ رڪعتون رهجي ويون، ان جي لاءِ حڪم هي آهي ته هو پنهنجون باقي رهيل رڪعتون پڙھي جڏهن سلام ورائي، ان مهل تڪبير چوي، ان تي به تڪبير چوڻ واجب آهي۔([1])
مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تڪبيرِ تشريق اصل ۾ حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام، حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ حضرتِ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي لفظن جو مجموعو آهي۔ جنهن وقت حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي قرباني جي لاءِ سندن ڳلي تي ڇُري رکي، حضرتِ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي الله پاڪ جنتي دنبو کڻي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، حضرتِ جبرائيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام دنبو آڻيندي وقت بلندي تان ئي هيئن پڙھندي آيا: اَلله اَڪبَرُ اَلله ُ اَڪبَر، هي آواز ٻڌي حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام نگاھ مبارڪ کڻي ڏٺو ته حضرتِ جبرائيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جنتي دنبو کڻي اچي رهيا آهن، ان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پڙھيو: لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاللہُ اَکْبَر ۔ پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جا هٿ پير کوليا ويا ۽ کين قرباني قبول ٿيڻ جي خوشخبري ڏني وئي ته حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام چيو: اَلله اَڪبَر وَلِلّٰه الْحَمْد۔
ان وقت حضرتِ جبرائيل امين عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪو ڪجھ پڙھيو، حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪو ڪجھ پڙھيو، حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪو ڪجھ پڙھيو، ان کي