Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مبارڪ راتين کي عبادت ۾ گذارڻ جو هڪ اهم ذريعو مدني مذاڪرو به آهي، اَلحمدُ لِلّٰه! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطّاري قادري رضوي دَامَت بَرَڪاتهمُ الْعَالِيه پهرين ذوالحج کان 10 ذوالحج تائين مدني چينل تي لائيو (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن (يعني سوال جواب جو) سلسلو ٿيندو آهي، مدني مذاڪرو عِلمِ دِين سکڻ، پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ۽ عَمَل جو جذبو وڌائڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ اوهان به هنن مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪريو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔
تڪبيرِ تشريق پڙهڻ جو قرآني حڪم
سيپاري: 2، سورت بقره، آيت:203 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ اذۡکُرُوا اللّٰہَ فِیۡۤ اَیَّامٍ مَّعۡدُوۡدٰتٍ ؕ (پاره:2،سورۂ بقره:203)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ڳڻپ جي ڏينهن ۾ الله جو ذڪر ڪيو
تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ڳڻپ ڏينهن مان مراد اَيامِ تشريق آهي ۽ ذِڪرُالله مان مراد آهي نمازن کان بعد ۽ حج دوران رمي جمرات جي وقت تڪبير چوڻ۔ ([1])
تڪبيرِ تشريق ڪڏهن کان ڪيستائين پڙھي وڃي!
خيال رهي! نالي جي لحاظ کان 11 ذوالحج کان وٺي 13 ذوالحج تائين (يعني 3 ڏينهن ) اَيامِ تشريق چورائبا آهن پر تڪبيرِ تشريق پڙهڻ جو جيڪو حڪم آهي اهو 9 ذوالحج جي فجر کان 13 ذوالحج جي عصر تائين آهي، بهارِ شريعت ۾ آهي: 9 ذو الحج جي فجر کان 13 ذوالحج جي عصر تائين هر فرض نماز جيڪا جماعت سان ادا ڪئي وئي، ان کان بعد هڪ ڀيرو بلند آواز سان