Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن 5 راتين کي زندھ ڪيو (يعني بيدار رهي عبادت ۾ گذاريو)، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي۔ اهي 5 راتيون هي آهن: (1) لَيلَةُ التَّروِيَه (يعني 8 ذوالحج جي رات) (2)لَيلَةُ عَرَفَه(يعني9 ذوالحج جي رات) (3) لَيلَةُ النَّحر (يعني 10 ذوالحج جي رات) (4)لَيلَةُ الْفِطْر (يعني عيد الفطر جي چنڊ واري رات) (5)لَيْلَةُ النِّصْفِ مِنْ شَعْبَان (يعني شب براءَت).  

 اي عاشقانِ رسول! عِبَادت جڏهن به ڪئي وڃي، ان ۾ برڪتون ئي برڪتون آهن، فضيلتون ئي فضيلتون آهن، البت هي ڏينهن جيڪي هينئر اسان گذاري رهيا آهيون ۽ هي راتيون جيڪي حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿيون، هي خاص طور تي عبادت جون راتيون آهن، اسان کي گھرجي ته پنهنجي مصروفيتن ۾ ڪجھ ڪمي آڻي، وقت ڪڍي هنن راتين کي عبادت ۾ گذاريون، فرض نماز ته پڙھڻي ئي پڙھڻي آهي هن سان گڏوگڏ نفل نماز پڙھون، تلاوتِ قرآن ڪريون، ذڪرُ الله ڪريون، درودِ پاڪ پڙھون، ديني ڪتاب پڙھون، عِلمِ دِين سکون، مطلب ڪنهن نه ڪنهن طرح اسان جون هي راتيون عِبَادت ئي ۾ گذرن ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! کوڙ نيڪيون نصيب ٿينديون، ثواب ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته اِن ْشَآءَ الله الْڪرِيم! جنّت ۾ داخلو به نصيب ٿي ئي ويندو۔

مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر                کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ                  گُنَاہوں سے ہر دَم بچا یااِلٰہی!

مِرا ہر عَمَل بس ترے واسطے ہو                    کر اِخْلاص ایسا عطا یااِلٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                 کرم  ہو  کرم  یاخُدا  یااِلٰہی! ([1])

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]... وسائل بخشش ، صفحہ:105۔