Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحُد جبل جيترو آهي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: ڪا شيء پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تِلاوت کان نه روڪندي هئي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پُوري سورت بقره ۽ سُورَت آلِ عمران جي تلاوت ڪندا هئا * روزانو رات جو سُورت سجده، سُورت ملڪ، سورت بني اسرائيل، سورت زمر، سُورَت ڪافرون، سُورت فلق ۽ سُورت ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا۔
الله پاڪ اسان کي به خوب تِلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا
شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔
غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو
رب کے در پر جُھکیں، اِلتِجائیں کریں بابِ رحْمت کھلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد