Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
هند جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي کان پهريان شراب نوشي، عَياشي ۽ هُل هنگامو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، والدين ۽ پاڙيسرين کي تنگ ڪرڻ، جُوا کيڏڻ منهنجو ڏينهن رات جو ڪم هو۔ هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمّيدار اسلامي ڀاءُ اِنفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري۔ ان جي ترغيب تي مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس۔ مدني قافلي جي برڪت سان مون گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري نمازن جي پابندي ڪرڻ وارو، فجر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔ ([1])
لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو
دل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو داغ سارے دُھلیں، قافِلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
قرآن مع تفسير ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ پاران هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جارِي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Quran with Tafseer (قرآن مع تفسير)۔ هي ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊاؤن لوڊ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾*مڪمل قرآن ڪريم