Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

وِصال کان بعد مون هڪ ڀيري هي ايمان افروز خواب ڏٺو ته بابا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڏي نوراني چهري واري بزرگ سان گڏ آيا، منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳا: ڌيء! تون هن کي سڃاڻين ٿي؟ هي اسان جا مدني آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، پوءِ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون تي وڏي شفقت ڪندي فرمايو ته توهان وڏا نصيب وارا آهيو۔([1])

سنا ہے آپ ہر عاشق کے گھر تشریف لاتے ہیں

میرے گھر میں بھی ہوجائے چراغاں یارسولَ اللہ

 الله پاڪ جي حاجي عبدُ الرَّحْمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي رحمت ٿئي، الله پاڪ اُن جي شهزادي يعني امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه کي وڏي عُمر بالخير نصيب فرمائي، سندن جي ۽ سندن سڄي گھروارن جو خير فرمائي۔

یاخُدا! میرے مُرشِد کو آباد رکھ                      اُن کے سارے گھرانے کو بھی شاد رکھ

  اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ    عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

   پيارا اسلامي ڀائرو! رحم دِل، نيڪ طبيعت بڻجڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ ۽ بااخلاق ۽ باڪردار بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! زِندگي ۾ بهار ايندي، ڪردار سٿرو ٿيندو ۽ دين ۽ دنيا جون کوڙ ساريون ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:


 

 



[1]... تعارف امیرِ اہل سنت،صفحہ:12۔