Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
جانور پيدا فرمايو منهنجي قابُو ۾ ڏنو، منهنجي لاءِ هن جو گوشت حلال فرمايو، لهٰذا الله پاڪ جو اِحسَان مڃندي، شڪراني طور قرباني ڪري رهيو آهيان۔
الله پاڪ اسان سڀني کي رَحْم دلي جي نعمت نصيب فرمائي، بالخصوص جانورن تي رحم ڪرڻ، سٺين سٺين نيتن سان قرباني ڪرڻ، ذبح ڪيل جانور کي راحت پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
اميرِاهلسنت جي والِدِ محترم جو ذِڪرِ خير
پيارا اسلامي ڀائرو! 14 ذو الحج تي دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عَطّار، قادري، رضوي، ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي والدِ محترم جو عُرسِ پاڪ ٿيندو آهي، اچو! بيان جي آخر ۾ حصولِ برڪت جي لاءِ اميرِ اهلسُنّت جي والدِ محترم جو ڪجھ ذڪرِ خير ٻڌون ٿا:
ابو عطّار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارُف
اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا والِدِ محترم حاجي عبدُالرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شريعت ۽ سُنّت جا پابند، متقي ۽ پرهيزگار شخص هئا، اڪثر نگاهون هيٺ رکي هلندا هئا، کين ڪافي حديثون زباني ياد هيون، دُنياوي مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ نه هئي۔ پاڻ سلسله عاليه قادِريه ۾ بيعت هئا۔([1])
حاجي عبدُالرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ عرصي تائين ڪولمبو ۾ تشريف فرما رهيا، اتان جي عاليشان حَنَفي ميمن مسجد جا انتظام سنڀاليندا هئا 1979 ء ۾ جڏهن شَيخِ طريقت، اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪولمبو تشريف کڻي ويا ته اتان جي ماڻهن کي والدِ صاحب سان گھڻو متاثر ڏٺائون۔ ڪولمبو ۾ قيام دوران اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه