Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

مڪمل طور تي ٿڌو نه ٿي وڃي، نه ان جا پير ڪٽيو نه کل لاهيو * ذبح ڪرڻ کان پوءِ جيستائين روح نه نڪري وڃي ڇري بلڪل به جسم سان نه لڳايو، ڪجهه قاصائي جلد ”ٿڌو“ ڪرڻ لاءِ ذبح کان پوءِ ڪنڌ جي کل لاهي ڇري هڻي ڪري دل جون رڳون ڪٽيندا آهن * اهڙي طرح ٻڪر کي ذبح ڪرڻ کان فورًا بعد ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندا آهن، بي زبان جانورن تي اهڙي طرح ظلم نه ڪيو وڃي، جنهن کان ٿي سگهي ان جي لاءِ ضروري آهي ته جانور کي بنا سبب تڪليف پهچائڻ واري کي روڪي، جيڪڏهن قدرت هئڻ جي باوجود نه روڪيندو ته پاڻ به گنهگار ۽ جھنم جو حقدار آهي۔([1])

قيامت جي ڏينهن جانور مُسَلَّط ٿي سگھي ٿو...!!

ذَبح ڪرڻ کان بعد رُوح نڪرڻ کان پهريان ڇُريون هڻي بي زَبان جانورن کي بِلاوجھ تڪليف ڏيڻ وارن کي ڊڄڻ گھرجي جو ڪاٿي مرڻ کان بعد عذاب جي لاءِ اهو ئي جانور مُسَلَّط نه ڪيو وڃي۔ جهنّم مين لے جانے والے اعمال، جلد:2، صفحي: 323 کان 324 تي آهي: انسان ناحق ڪنهن چوپائي کي ماريو يا ان کي بکايل اڃايل رکيو يا ان کان طاقت کان وڌيڪ ڪم ورتو ته قِيامت جي ڏينهن ان کان انهيء جي مثل بدلو ورتو ويندو، جيڪو ان جانور تي ظلم ڪيو يا ان کي بکايل رکيو۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: رَحمت ِ عالَم، نورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهنّم ۾ هڪ عورت کي هن حال ۾ ڏٺو ته اها لٽڪيل آهي ۽ هڪ ٻلّي اُن جي چهري ۽ سيني کي پَٽي رهي آهي ۽ ان کي اهڙو ئي عذاب ڏئي رهي آهي جيئن ان (عورت) دنيا ۾ قيد ڪري ۽ بکايل رکي ان کي تڪليف ڏني هئي۔([2])

ذَبح جي وقت جون ڪجھ سٺيون نيتون

  جانور کي ذَبح ڪرڻ وقت سٺيون سٺيون نيتون به حاضِر رکو؛ مثال طور اهي نيتون ڪريو: *الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ جانور ذَبح ڪيان ٿو* الله پاڪ هي


 

 



[1]...ابلق گھوڑے سوار ، صفحہ:15۔

[2]...بخاری، کتاب المساقاۃ، باب فضل سقی الماء، صفحہ:610،حدیث:2364۔