Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

بڻايو ڇوته چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪرائيندي آهي. بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريو! * علمِ دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * باادب ويهندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.   

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! هاڻي جيڪي ڏينهن اسان گذاري رهيا آهيون يعني 8، 9، 10 ذوالحج ۽ هن کان پوءِ اڳتي 11 کان 13 ذوالحج، اهي انتهائي اهم ۽ فضيلت وارا ڏينهن آهن۔

 * الله پاڪ جي نبي حضرتِ ابراهيم خليلُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جنهن رات پُٽ جي قرباني بابت خواب ڏٺو ان کان اڳئين ڏينهن 8 ذو الحج جو ڏينهن هو۔ هن ڏينهن حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام غور و فڪر ڪندا رهيا ته اهو خواب الله پاڪ جي طرفان وحي آهي يا نه؟ انهي ڪري 8 ذوالحج کي يومُ التَّرۡوِيه (يعني سوچ ويچار وارو ڏينهن) چيو وڃي ٿو۔ * 9 ذوالحج تي حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي خبر پئجي وئي ته هي خواب الله جي طرفان وحي آهي، انهي ڪري 9 ذوالحج کي يومُ العَرفَه (يعني سڃاڻپ وارو ڏينهن) چيو وڃي ٿو * پوءِ 10 ذوالحج تي حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي شهزادي حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڳلي تي ڇُري رکي ۽ اطاعت ۽ فرمانبرداري، محبتِ اِلٰهي، ايثار ۽ قرباني جي جذبي جو لازوال مثال قائم فرمايو، حضرتِ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي فِديي ۾ جنّت مان دُنبو آندو ويو ۽ حضرتِ ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان جي قرباني فرمائي، ان ڪري 10 ذوالحج کي يومُ النَّحر (يعني قرباني جو ڏينهن) چئبو آهي * هن کان بعد جيڪي 3 ڏينهن آهن (11، 12 ۽ 13 ذوالحج) هنن ڏينهن کي اَيّامِ تشريق چيو ويندو آهي۔

جنّت واجِب ٿي ويندي آهي...!!

حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي،